عالم لوهار

عالم لوهار

عالم لوهار

عالم لوهار: مشهور عوامي ڳائڻو عالم لوهار، پهرين مارڄ 1928ع تي اڇ، تعلقي کيريان، ضلعي گجرات، پنجاب پاڪستان ۾ ڄائو. پنجابي زبان جو عوامي ڳائڻو هو، جنهن عوامي گيت ‘جگني’ کي تمام گهڻو ڳايو ۽ ديسان ديس مشهوري ماڻي. سندس خاندان لوهارڪو ڌنڌو ڪندو هو ۽ آهي. عالم لوهار کي ننڍپڻ کان ئي پنجاب جي لوڪ گيتن سان انسيت هئي. هو انهن کي هلندي چلندي ڳائيندو ۽ جهونگاريندو وتندو هو. وڏو ٿي هن پنجابيءَ ۾ ڳائڻ جو نئون انداز شروع ڪيو، جنهن انداز کي ‘پنجابي وار’ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن انهيءَ انداز ۾ وارث شاهه جي هير کي نهايت شاندار نموني ڳايو، جيڪو نه رڳو پاڪستان، پر دنيا ۾ تمام مشهور ٿيو. هن وارث شاهه جي هير تي گرامون فون رڪارڊ ڀرايا. اهڙي نموني هن پنجابي جي ٻين شاعرن کي نئين نموني سان عوام آڏو پيش ڪيو. هن ميلن ملاکڙن کان سواءِ عام ڪچهرين ۾ به هٿ ۾ چمٽو کڻي ڳائڻ شروع ڪيو ته ڏکڻ ايشيا جو مشهور ڳائڻو تصور ڪيو وڃڻ لڳو. اهو ستر جي ڏهاڪي وارو زمانو هو. 1970ع ۾ هي پنهنجو فن کڻي دنيا جي مختلف حصن جهڙوڪ: برطانيا، ڪيناڊا، ناروي، آمريڪا، جرمني ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ مظاهرو ڪري داد ماڻيو. سندس ڳايل ڪلامن ۾ جگني، بول مٽي، مرزا صاحبان، وجان مريان بليا، سيف الملوڪ، دل والا دکڙا ۽ قلندر لعل شهباز جي ڌمال وغيره کي تمام گهڻي مقبوليت ملي. خاص طور تي چمٽي تي ڳايل سندس جگني گهڻو مشهور ٿي. عالم لوهار، 3 جولاءِ 1979ع ۾ هڪ ٽرڪ جي حادثي ۾ گذاري ويو. کيس لالا موسيٰ جي هڪ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ان وقت جي صدر جنرل ضياءَ الحق کيس ‘پرائيڊ آف پرفارمينس’ جو اوارڊ ڏنو. سندس پٽ عارف لوهار سندس فن کڻي اڳتي وڌيو ۽ نالو ڪمائي رهيو آهي.


لفظ عالم لوهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.03.01  عيسوي

عالم لوهار، پهرين مارڄ 1928ع تي اڇ، تعلقي کيريان، ضلعي گجرات، پنجاب پاڪستان ۾ ڄائو.


1979.07.03  عيسوي

عالم لوهار 3 جولاءِ 1979ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سچل فقير جتوئي
ريشمان
زاهده پروين
عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي
غلام شبير سمو
زرداري غلام حسين
عابده پروين
استاد محمد جمن
طاهره سيد
استاد لعل خان گُڪو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون